بلاول شاهه حسيني

بلاول شاهه حسيني: سيد بلاول شاهه ولد سيد بچل شاهه حسيني 1925ع ڌاري لطيف سائينءَ جي نگريءَ، ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ۽ تربيت والد جي نگرانيءَ هيٺ ٿيس. پاڻ سٺو سماج سڌارڪ ۽ علم دوست انسان هو. ڀٽ شاهه مڊل اسڪول جي قيام ۽ واڌاري ۾ ٻين معززين سان گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪيائين. سنڌي ثقافت، خاص ڪري ميلن ملاکڙن جي پروگرامن جو روح روان هوندو هو. سندس اوطاق هميشه وسيل رهندي هئي. 25 آگسٽ 1979ع تي، ذيابيطس جي مرض سبب ڄامشوري اسپتال ۾ وفات ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو